
حافظ ارشد انڍڙ
حافظ ارشد انڍڙ: ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي. وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، 10 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. عربي تعليم مدرسي مدينة العلوم پني عاقل، محبوب ڳوٺ، قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ جامعہ دينيه دارالهديٰ ٺيڙهيءَ مان حاصل ڪيائين. پير جهنڊي ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات درس ۽ تدريس سان ڪئي ۽ مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، جن ۾ سکر ۽ حيدرآباد جي تعليمي بورڊن جو ڪنٽرولر بہ ٿيو. ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ تي سندس ميزبانيءَ هيٺ ڪيترائي پروگرام نشر ٿيندا رهيا آهن. خاص ڪري ’صراط مستقيم‘ سندس مقبول پروگرام رهيو. هن سنڌ جي تاريخ ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت ۽ تعليم تي بہ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس سٺو مطالعو آهي. وٽس سٺي لائبريري بہ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قديم ڪتاب بہ رکيل آهن. هيءُ ڪيترن ئي ملڪن جو مطالعاتي دورو ڪري چڪو آهي.
1950.12.10 عيسوي
ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي. وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، 10 ڊسمبر 1950ع تي ڳوٺ ستابي انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو.