حاضر خان جو قبو: هيءُ قبو تعلقي وارھہ، ضلعي قنبر-شھدادڪوٽ جي ’حمل‘ ڳوٺ کان ٻہ ميل اتر طرف ’ڪچي جي ڊٻ‘ تي موجود آهي. هيءُ قبو سومرن جي دؤر حڪومت جو يادگار آهي. هن قبي ۾ ٻہ قبرون موجود آهن، جن مان هڪ قبر حاضر خان جي ۽ ٻي سندس زال جي آهي. حاضر خان چانڊين جو سردار ٿي گذريو آهي، جيڪو سومرن جي دؤر جو چيو وڃي ٿو. قبو پڪين سرن سان ٺهيل آهي.