حاضري

حاضري: هيءُ لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف معنائن ۾ ڪم ايندو آهي. ڪورٽ يا عدالت ۾ پيشيءَ کي بہ ’حاضري‘ چئبو آهي. ڪنهن بزرگ جي درگاھہ تي دعا لاءِ حاضر ٿيڻ کي تہ ’حاضري‘ سڏيندا آهن. گويا يا فنڪار درگاھہ تي بنا ڪنهن معاوضي عقيدت سان حاضر ٿي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ان کي بہ ’حاضري‘ يا ’چونڪي‘ سڏيو ويندو آهي.
- ’حاضري‘ هڪ خاص مذهبي اصطلاح بہ آهي، جيڪا هڪ قسم جي باس يا نياز جو خاص نمونوهوندي آهي.
- حاضري، حضرت عباس عليہ السلام سان منسوب نياز کي بہ چئبو آهي، جيڪا هڪ قديم روايت آهي. شيعا مسلڪ سان واسطو رکندڙ فرد ڪنهن مشڪل يا تڪليف وقت حضرت عباس علمدار ’باب الحوائج‘ سان منسوب علم هيٺ اچي باس باسيندا آهن ۽ دعا گهرندا آهن تہ جيئن ئي مشڪل حل ٿيندي تہ اوهان جي حاضري اچي ڀربي. حاضريءَ جو خاص نياز ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، نان ۽ سُوجيءَ جو حلوو هوندو آهي.
حاضري جي محفل ۾ حديث ڪساء، حمد ۽ نعت کان پوءِ حضرت عباس عليہ السلام جي شان ۾ منقبتون ۽ قصيدا پڙهيا ويندا آهن. محفل ختم ٿيڻ کانپوءِ محفل جو ميزبان مهمانن کي پنھنجي هٿن سان نياز کارائي، هٿ ڌئارائي رخصت ڪندو آهي. سنڌ ۾ حاضريءَ جي نياز جو رواج تمام قديم آهي. ’صحيفة العزا‘ ۾ قاسم علي مرزا لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ حاضريءَ جي محفل قديم دور کان هلندي اچي پر ان کي وڌيڪ عام ڪرڻ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو وڏو ڪردار آهي. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو هر سال 8 محرم الحرام جي ڏينهن وڏي پيماني تي حاضريءَ جي مجلس ڪرائيندو هو. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن مير فتح علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر، مير مراد علي خان ٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپور، مير نصير خان ٽالپور ۽ ٻين ٽالپر حڪمرانن پڻ حاضريءَ جي محفلن کي عام ڪيو. ٽالپرن جي منعقد ڪيل حاضريءَ جي محفل جو سرواڻ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي هوندو هو. سيد ثابت علي شاھہ سان گڏ سندس شاگرد رشيد مرزا مراد علي بيگ سائل پڻ مرثيہ خواني ۽ قصيده خواني ڪندو هو. حاضري جي محفل کي عام ڪرڻ ۾ سيد ثابت علي شاھہ جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي. هن وقت سنڌ ۾ حاضريءَ جون محفلون ٿين ٿيون.


لفظ حاضريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو