حارث بن عميرازدي

حارث بن عميرازدي: هيءُ اصحابي، ازد قبيلي مان هو. مڪي جي فتح کان پهريان اسلام قبول ڪيائين. پاڻ سڳورن جڏهن بادشاهن ۽ اميرن کي اسلام جي دعوت جا خط موڪليا تہ هڪ خط بصري جي بادشاھہ شرجيل بن عمر جي نالي بہ لکيائون. حضرت حارث تي اهو خط پهچائڻ جي ذميواري رکي وئي. حضرت حارث اهو خط کڻي موته واري هنڌ تائين پهتو تہ شرجيل سان سندس ملاقات ٿي وئي. ان کانئس پڇيو تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ حضرت حارث چيو تہ شام وڃي رهيو آهيان. شرجيل چيو تہ ڪنهن جو قاصد آهين؟ حضرت حارث چيو تہ حضور پاڪ صلي عليہ وسلم جو قاصد آهيان، اهو ٻڌي شرجيل کيس بيدرديءَ سان شھيد ڪرائي ڇڏيو.
حارث، اسلامي تاريخ جو پهريون قاصد آهي، جنهن خدا جي راھہ ۾ شهادت جو جام پيتو، حضورؐ جن کي سندس شهادت جي خبر ملي تہ کين تمام گهڻو ڏک رسيو ۽ حضرت حارثرضه جي خون جي بدلي لاءِ حضرت زيد رضہ بن حارث جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر ’موته‘ روانو ڪيائون. جنگ دوران حضرت زيد رضہ ۽ حضرت جعفر طيار رضہ ۽ ٻيا شھيد ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو