حاجي ولي محمد نظاماڻي

حاجي ولي محمد نظاماڻي: حاجي ولي محمد نظاماڻي 14 جون 1937ع ۾ سانگهڙ شھر ۾ جنم ورتو، انهيءَ وقت برصغير ۾ انگريزن جو راڄ هو، سنڌ ۾ حُرن خلاف انگريزن جون ڪاروايون عروج تي هيون، حاجي ولي محمد ان وقت جي حُر ڪئمپن ۾ پڙهيو. پرائمري تعليم کپرو، وارهيه، سکر ۽ سانگهڙ جي (Concentration Camps) لوڙهن ۾ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم نوابشاھہ جي هاءِ اسڪول ۽ سانگهڙ جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. فرسٽ ايئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين، بي. اي سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 10 جولاءِ 1958ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ايڊيوڪيشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، ترقي ڪندو ايس. ڊي. او شھدادپور ٿيو. 87- 1986ع ۾ نئين روشني پراجيڪٽ ۾ ڊي. پي. ايم مقرر ٿيو. هيءُ ڊي. سي. او مسجد اسڪول پڻ رهيو. 1991ع کان 1993ع تائين ڊي. اي. او جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ سندن گهڻو وقت مطالعي ۽ عبادت ۾ گذرندو آهي. حُر تحريڪ دوران ساڻس ۽ سندس خاندان ڪهڙين عقوبتن ۽ اذيتن مان گذريو، ان بابت سندس سوانح ’ڳالهيون من اندر جون‘ عنوان سان (استاد نظاماڻيءَ جي مرتب ڪيل) ڪتاب ’جي گهارياسين بند ۾‘ شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ حاجي ولي محمد جو مختصر تعارف بہ شايع ٿيل آهي.


لفظ حاجي ولي محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.06.14  عيسوي

حاجي ولي محمد نظاماڻي 14 جون 1937ع ۾ سانگهڙ شهر ۾ جنم ورتو،


1958.07.10  عيسوي

10 جولاءِ 1958ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ايڊيوڪيشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير رڪن الدين سخي
خانبهادر غلام علي نانا
دين محمد شيخ 1
راجيش کنا
راجا هرش
جان محمد جانڻ منگي
روگزانه
پلي وڏيرو عبدالحڪيم
بلاول فقير نائچ
خواجہ احمد عباس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون