حاجي مولابخش سومرو

حاجي مولابخش سومرو: نامور سياستدان خانبهادر حاجي مولابخش ولد حاجي محمد عمر سومرو 1903ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هيءُ شھيد الھہ بخش سومري جو ننڍو ڀاءُ هو. هن ابتدائي تعليم مقامي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. ان کان پوءِ ڪوئيٽا جي پبلڪ اسڪول ۾ سينيئر ڪئمبرج تائين پڙهيو، بعد ۾ چوڏهن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو رهيو. مولا بخش سومرو شروع ۾ 1934ع ڌاري شڪارپور ۾ فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ بہ ٿي رهيو. ان وقت شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو هڪ ٽرم لاءِ صدر ۽ ڪجهہ وقت لاءِ جيڪب آباد زمينداري بئنڪ جو چيئرمئن بہ رهيو. کيس ضلعي لوڪلبورڊ سکر جي پريزيڊنٽ هئڻ جي ڏينهن ۾ خانبهادريءَ جو خطاب مليو. 1943ع ۾ خانبهادر احمد خان سڌايي جي فوت ٿي وڃڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ مولا بخش سومرو پنهنجن ٻن ساٿي ميمبرن سردار دادن خان لنڊ ۽ سردار خان کوسي سان گڏ چونڊجي آيو ۽ نيشنلسٽ گروپ جي نالي سان ڪانگريس جي مخالفت ۾ ڪوئليشن پارٽيءَ ۾ رهيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر وارين جملي جماعتن جي ڪانفرنس ٿي، ان ۾ حصو ورتائين. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ حاجي مولابخش سومرو، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. يوسف هارون جي وزارت دوران کيس وزير ڪري کنيو ويو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو. 1954ع ۾ پيرزادہ عبدالستار وزارت کي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي، گورنر ڊسمس ڪري انهيءَ شرط تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو تہ هو سنڌ کي ونيونٽ ۾ شريڪ ڪرڻ جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ڏيندو. کهڙي جي ان وزارت ۾ ٿوري وقت کان پوءِ حاجي صاحب کي بہ شريڪ ڪيو ويو. ان وزارت ۾ علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي، قاضي محمد اڪبر، سيد نور محمد شاھہ ۽ ٻيا وزير شامل هئا. 1955ع ۾ هيءُ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ تي سنڌ اسيمبلي طرفان ميمبر چونڊجي ويو. انهيءَ دوران کيس مرڪزي حڪومت ۾ مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن دوران ڪشمير، پارلياماني مامرن ۽ نشر و اشاعت جا کاتا سندس سنڀال هيٺ رهيا. ڪجهہ مهينن بعد کيس مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو. آڪٽوبر 1959ع تائين مرڪزي حڪومت جو وزير رهيو. 1970ع ۾ هيءُ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سياسي معاملن ۽ واپار جو وفاقي وزير بڻيو. 3 فيبروري 1989ع تي وفات ڪيائين. کيس شڪارپور جي پنج پير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حاجي مولابخش سومري کي 3 فرزند: احمد ميان سومرو، الاهي بخش سومرو ۽ ڊاڪٽر منصور سومرو ٿيا، جن جو شمار ملڪ جي ناليوارن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ حاجي مولابخش سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1989.02.03  عيسوي

حاجي مولابخش سومري 3 فيبروري 1989ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪئلاش شاداب
روشن جي
رامانج آچاريه
شمع سنڌي
اوستو سچيڏنو
سيده شهلا رضا
سڪيلڌو محمد سومار ميمڻ
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
پير رکيل ريلائي
پير نور شاھہ هاشمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون