حاجي مريءَ جو مقام

حاجي مريءَ جو مقام: هيءُ ڪاڇي (ضلعي دادو) جو مشهور مقام آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ناميارا ماڻهو دفن آهن. جن ۾ سپهه سالار حاجي مري به شامل آهي. هو سپهه سالار مير موندر خان جو بهترين دوست هو. حاجي مري 22 ربيع الثاني 1110هه بمطابق 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي طرفان ڳـوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڀرسان مغلن جي لشڪر سان وڙهندي، مير موندر خان چانڊيي سان گڏ شهيد ٿيو. مشهور سپهه سالار خدام معرفاڻي جيڪو جنگ بنگاهه (1835ع) ۾ شهيد ٿيو هو، ان کي سردار ولي محمد خان حاجي مريءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو. درويش بالاچ فقير ميراڻي حمنائي چانڊيي جي قبر به هتي ئي آهي. بالاچ فقير وڏو بزرگ هو. سردار ملڪ غيبي خان جي همعصر فقيرن مان هو. هن مقام جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ لالو تاماڻي سماراڻي چانڊيي جو مقام آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان مٺي پاڻي جو کوهه آهي، هن کوهه جو پاڻي صاف شفاف، سياري جو گرم ۽ اونهاري جو ٿڌو هوندو آهي. ڳوٺ جي ڏکڻ طرف چانڊيا جاگير جي مشهور نئن الڪا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1110.04.22  هجري

حاجي مري 22 ربيع الثاني 1110هه بمطابق 1699ع ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي طرفان ڳـوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڀرسان مغلن جي لشڪر سان وڙهندي، مير موندر خان چانڊيي سان گڏ شهيد ٿيو.



قبرستان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمن جو قبرستان
شيخ صالح سوائيءَ وارو قبرستان
چوڏهن شهيد
شاهه مراد گورستان مڪلي
پير تاجو
لال ذڪريا رحه
طلا شاهه جو مقام
ڌيرڻ شاهه جو قبرستان
چوکنڊي1
پير سنبڪ سوائي مقام
قبرستان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون