حاجي محمد پريل مگسي: پريل مگسي'>حاجي محمد پريل مگسي، ڀاڳناڙيءَ (بلوچستان) جو رھواسي ھو. اڳتي هلي ھالا کي پنھنجو مسڪن بڻايائين. حاجي محمد پريل پوليس کاتي ۾ جمعدار ھو، پر پوءِ پکن ڌڻيءَ جي صحبت ۾ نوڪري ترڪ ڪري، آخر تائين مخدوم صاحب جو خاص گارڊ ٿي رھيو ۽ وفات بہ اتي ئي ڪيائين. کيس خدمتگارن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مرحوم مرثيہ گو شاعر ھو. سندس گهڻو ڪلام گم آھي. ڪجهہ بيت ھڪ ٻہ مرثيا ملن ٿا. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اول نـانءُ ﷲ جـو، قــادر رَبُ قـھــار،
خـاونـد پنھنجي خـلـق ۾، سيد ڪيـو سـردار،
سڀ تي نبي سرورصه، ٿيو مڙني جو مـھـنـدار،
ڪريو هي! هي! مير حسين لئه، جو اڙين جو آڌار،
’پـريـل‘ تنـھـن پيـنـار، آھـي روز الـسـت کان.
(ياد رفتگان)