حاجي محمد يوسف ميمڻ

حاجي محمد يوسف ميمڻ: حاجي محمد يوسف ميمڻ 1860ع واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ مريد سوها نزد پليجاڻي اسٽيشن ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ قادريه سلسلي جي درگاه مڪان شريف جي سيد حاجي محمد علي شاھہ پوچڙائي جو مريد هو ۽ سندس عقيدت ۾ سنڌيءَ ۾ شاعري بہ ڪيائين. سندس شاعريءَ جون صنفون، ڪافي، غزل، ٽيھہ اکري، مولود، مداح، منقبت ۽ قصيدو آهن. 1325ھہ /1907ع ۾ پنھنجي مرشد کي پهريون پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ ’قصيده شريف‘ (قصيده مدحيه سلسله عاليه قادريه) مشائخن جي نالن، دعائن ۽ مبارڪن سان چيائين، جيڪو 1375ھہ/ 1956ع ۾ ٽنڊو الهيار جي الھلال پريس مان ڇپيو ٻيو دفعو 1403ھہ / 1982ع ۾ فقير محمد اسماعيل ڪنڀار ڪراچيءَ مان ڇپرايو. ان کان سواءِ حاجي محمد يوسف جو سمورو ڪلام اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. 2 ذوالحج 1358ھہ / 14 جنوري 1940ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار درگاھہ بلال شاھہ جي قبرستان واقع ضلع مٽياري ۾ آهي.


لفظ حاجي محمد يوسف ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.01.14  عيسوي

حاجي محمد يوسف ميمڻ 1860ع واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ مريد سوها نزد پليجاڻي اسٽيشن ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو.2 ذوالحج 1358هه / 14 جنوري 1940ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار درگاهه بلال شاهه جي قبرستان واقع ضلع مٽياري ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل اداسي
رمز علي فقير
شاعر
شير محمد لغاري
حڪيم غلام محمد عرشي
دريا خان دولھہ
بِنگو گوپانگ
رضوان گل
ساحر راهو
سيد صدرالدين شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون