حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي

حاجي محمد عالم عباسي: تعليمدان، شاعر ۽ سماج سڌارڪ حاجي محمد عالم عباسي، 8 جون 1922ع تي ڳوٺ باغ پئي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. اڍائي مهينن جو هو تہ سندس والد محمد حيات ڪلهوڙو گذاري ويو. سندس مامي ڏاتر ڏني. سندس پرگهور لهندي کيس دڦر ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هوشيار هئڻ ڪري مشھور استادن گيهي مل ۽ گرڏني مل سندس همٿ افزائي ڪئي، اسڪالر شپ بہ حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ هن فائنل جو امتحان پوزيشن سان پاس ڪيو. 1937ع ۾ ملان اسڪول ۾ استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ پوري ايمانداريءَ سان نوڪري ڪندو رهيو. هڪ دفعي ڊاڪٽر دائود پوٽو اتر سنڌ جا اسڪول گهمڻ دوران سندن اسڪول پهتو، سندس خلوص ۽ حاضر دماغيءَ کيس متاثر ڪيو. هن کيس ترقي ڏيئي پهريان هاءِ اسڪول جو استاد بعد ۾ ليڪچرار ڪرايو، جتي هن چار سال ملازمت ڪئي.
حاجي محمد عالم سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ هنديءَ ۾ عبور رکي ٿو. هن فاضل اردو، سنڌي مولوي، فاضل عربي، منشي فاضل فارسيءَ جا امتحان بہ نمايان نمبرن سان پاس ڪيا. 1953ع ۾ کيس ڊاڪٽر دائود پوٽي بھترين استاد جو اوارڊ بہ ڏنو ۽ هڪ تحريڪ ۾
لطف ﷲ بدوي، رشيد احمد لاشاري ۽ محمد عالم عباسيءَ جو ذڪر بہ ڪيو آهي. حاجي محمد عالم شاعريءَ جي شروعات 1938ع کان
سيد شاھہ محمد شاھہ جي رهبريءَ ۾ ڪئي. سندس لکيل ڪتابن ۾:
(1) سنڌ جي جاگرافي، (2) معلم اردو، (3) رهبر دين، (4) سفر حجاز،
(5) عالم جي آکاڻي، (6) عالم جو ڪلام شامل آهن.
هن رٽائرمنٽ کانپوءِ علائقي ۾ ڪافي فلاحي ڪم بہ ڪرايا آهن. مهراڻ ماڊل اسڪول پني عاقل جي باني ميمبرن مان آهي، ان جو 5 سال چيئرمئن بہ رهيو. سٺو زرعي ماهر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.06.08  عيسوي

تعليمدان، شاعر ۽ سماج سڌارڪ حاجي محمد عالم عباسي، 8 جون 1922ع تي ڳوٺ باغ پئي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽالپر مير غلام علي خان غلام
سوامي سترامداس سڪايل
اسير امتياز
امر پيرزادو
ميرغلام ﷲ خان ٽالپر شاهواڻي
چتر ڀڄ
ايوب فقير آريسر
عظيم الدين عظيم ٺٽوي
شيڪسپيئر وليم
ڀاون علي شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون