سومرو حاجي فقير محمد

سومرو حاجي فقير محمد

حاجي فقير محمد سومرو

حاجي فقير محمد سومرو: حاجي فقير محمد سومرو ولد مولوي الھہ بخش سومرو، پهرين مارچ 1955ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. ان ڪري وڏن جي ڪِرت ڊکاڻڪي ڪم ۾ پنھنجو نالو ڪڍيائين. هن عرب عمارات، دبئي، ابوظھبي ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڊکاڻڪي ڪم ۾ پاڻ مڃايو. ڪي. ايم. سي (Karachi Metropolitan Corporation) مان سب اوورسيئر طور 2016ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. حاجي فقير محمد سومري کي ننڍپڻ کان وٺي لکڻ پڙهڻ سان چاھہ هو. سندس ڪتاب ’سومرن جو شجرو‘ عنوان سان 2013ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنھن ۾ هن سڄيءَ سنڌ جي سومرن (مٽن مائٽن) بابت تفصيل شامل ڪيا آهن. ان کان علاوہ مڪي ۽ مديني شريف جو اردوءَ ۾ سفرنامو ’روح پرور سفر‘ (2018ع)، ’خُفتگان جنت البقيع‘ (2021ع) ۽ ’سنڌ ۾ واڍڪو هنر‘ (2022ع) ڇپيل آهن. هن جو والد مولوي الھہ بخش پنھنجي وقت جو مشھور عالم هو، جنھن جو ڪتبخانو حاجي فقير محمد سومرو ۽ مير محمد ’مقبول‘ سومرو سنڀاليندا هئا. سندن ڪتبخاني مان هنڱورجا ۽ آسپاس جا ادب دوست ڪافي لاڀ پرائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.01  عيسوي

حاجي فقير محمد سومرو ولد مولوي الهه بخش سومرو، پهرين مارچ 1955ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز شاھہ
جمال الدين افغاني
فتح محمد مري ڊاڪٽر
دلشاد چاوڙو
استاد بخشو خان
شبنم اداڪارہ
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
ڇاٻڙيا آرتي
حڪيم محمد سعيد
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون