حاجي غلام عباس شاهه باجارا

حاجي غلام عباس شاهه باجارا: سيد حاجي غلام عباس شاهه باجارا، 1901ع ڌاري ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. هيءُ سنڌ جي مشهور لڪياري سادات جي رڪن الدين پوٽا خاندان مان هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ باجارن مان حاصل ڪئي. انگريزيءَ جي تعليم سيوهڻ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. ڪيترن ئي ديني مدرسن جي مالي امداد کان سواءِ ڪيترن ئي غريب بيواهن جي مالي مدد به ڪندو هو. هن سياسي زندگي جي شروعات لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪبورڊ دادو جو ميمبر منتخب ٿيو. هيءُ پنهنجي ڳوٺ باجارا جي سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمئن، يونين ڪائونسل جهانگارا ۽ تعلقي ڪائونسل سيوهڻ جو ميمبر به رهيو. عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ گورنر بمبئي، گورنر سنڌ ۽ ڪليڪٽر دادو طرفان کيس سرٽيفڪيٽ ۽ تلوار جو انعام مليو. هيءُ جي. ايم. سيد ۽ سيد جيئندل شاهه جو همعصر هو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ حڪومت 1953ع ۾ کيس ’جسٽس آف پيس‘ مقرر ڪيو.
هن 15 جون 1979ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.06.15  عيسوي

حاجي غلام عباس شاهه باجارا 15 جون 1979ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفضل
روچلداس ڊاڪٽر
اشرف ڊبليو تاباني
اسلم خيرپوري
ايبڪ
دائود بن يزيد
شوڪت عزيز
الهداد راهو
جتوئي عابد حسين
اصغر سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون