حاجي شير محمد شاھہ مهاجر مدني

حاجي شير محمد شاھہ ’مهاجر مدني‘: حاجي شير محمد شاھہ ولد سيد عارف شاھہ گهوٽڪيءَ جو مشھور پير هو. هن بزرگ سڄي عمر باعمل گذاري. تجويد جو ماهر ۽ قاري هو. هيءُ ديوبند جي عالم مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو خليفہ مجاز هو. اشرف علي ٿانويءَ جو چوٿون خليفو هو. 8-9 دفعا حج بہ ڪيائين. پر ديار حبيب خدا صلي عليہ وسلم جي اشتياق کيس ويهڻ نہ ڏنو ۽ پنهنجو مال متاع ڇڏي وڃي مديني ۾ رهيو.
سـندس تـصنيـفـن ۾: (1) ’الـقـول المنعـتـم فـي زڪـوات الـخـنـم‘، (2) ’جمال القرآن جو سنڌي ترجمو‘، (3) ’بھشتي زيور جو سنڌي ترجمو‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 1958ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو