حاجي سومرو درويش

حاجي سومرو درويش: حاجي سومرو ارغون دؤر جو مشھور درويش ٿي گذريو آهي. ’تحفته الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”درويش حاجي سومرو چاچڪن جي سرڪار جي هڪ نالي واري جون پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ جو رهواسي هو. هن سنڌ جي نامور عالمن مخدوم نوح، اسماعيل چاڪي، سيد رڪن الدين ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبت ۾ رهي گهڻو فيض پرايو. هيءُ وڏو اهل درويش هو. حاجي سومرو روحاني فيض في سبيل ڏيندو هو. انهي ڪري سندس سوين ماڻهو مريد هوندا هئا


هن صفحي کي شيئر ڪريو