حاجي حقير ابن مڱڻ

حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ: حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ خاصخيلي 18 اپريل 1901ع تي ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشھور شاعر، اديب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. حاجي حقير جو تعلق غريب گهراڻي سان هو. هن قرآن پاڪ ۽ ديني تعليم وٺڻ کان پوءِ ڪجهہ درجا سنڌيءَ جا پڙهيا، پوءِ حڪمت سکيو ۽ آخر تائين حڪمت جي پيشي سان وابستہ رهيو. حاجي حقير ابن مڱڻ نهايت خاموشيءَ سان سنڌي زبان جي خدمت ڪئي. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو لکيو آهي. کيس مذهبي ڄاڻ بہ سٺي هئي. مذهب جي موضوع تي بہ ڪجهہ ڪتاب لکيائين. خاص ڪري ٻاراڻي ادب تي گهڻو لکيائين. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
ٻاراڻو ادب: (1) شھزادو صبر ۽ سون پري (1958ع)، (2) ڪيهر شينهن جي ڌيءَ (1958ع)، (3) پـنـج ڀـيـنـرون (1958ع)، (4) دادلـو شـهـزادو (1858ع)، (5) سليماني گل جي دل (1958ع)، (6) راڻي ناز بيگم ۽ طوطا مئنا (1963ع)، (7) بيوقوف بادشاھہ ۽ عقلمند وزير (1966ع)، (8) کل ۽ خوشي (1967ع) وغيرہ.
لوڪ ادب ۽ شاعري: (1) مومل ۽ مينڌرو (منظوم قصو: 1946ع)، (2) عمر مارئيءَ جون ٽيھہ راتيون (منظوم قصو: 1955ع)، (3) سھڻي ميهار (منظوم قصو: 1964ع)، (4) پنھون '>سسئي پنھون (منظوم قصو)، (5) وڏو قصو دودو چنيسر، (6) وڏو قصو سسئي پنهونءَ جو، (7) سوزِ حقير (شاعري)، (8) سچل جو رسالو (ترتيب) وغيرہ.
مـخـتلـف مـوضـوعـن تي ڪـتاب: (1) مـظهـرالـحـق (مذهبيات: 1946ع)، (2) شاھہ عرب (مذهبيات: 1946ع، (3) رسومات تباهي (1958ع)، (4) الف ليليٰ (چار ڀاڱا: قصو: 1961ع)، (5) سيتلا (علم صحت)، (6) عاشقانه خط عرف محبت جا گل، (7) طبي صلاحڪار،، (8) ليليٰ مجنون (قصو) وغيرہ.
حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ انتهائي خوش خلق، ملنسار ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ادبي خدمتون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هميشہ ياد رهنديون.
هن 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ راول پهوڙ ۾ وفات ڪئي.


لفظ حاجي حقير ابن مڱڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.04.18  عيسوي

حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ خاصخيلي 18 اپريل 1901ع تي ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشهور شاعر، اديب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.


1981.03.30  عيسوي

حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ انتهائي خوش خلق، ملنسار ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس ادبي خدمتون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون. هن 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ راول پهوڙ ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دبير مرزا
ريحان اعظمي
غالب ملڪاڻي
پروانو ميراجي
بيدل فقير
عبدالغفور شاھہ تقوي سيد
امام علي فقير
ميون تماچي اوريئڙي وارو
عبداللطيف قيصر
فرهاد جروار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون