حاجي احمد بخش

حاجي احمد بخش: بزرگ، شـاعـر حـاجـي احـمـد بـخـش جـو اصـل نـالـو عبدالحق ولد علي بخش ولد مينهون هو. هن پهرين فيبروري 1908ع تي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کيس مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي ٽي درجا پڙهيو. سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي ديني ڪمن ڏانهن هو. هن قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير پڙهيا. قرآن شريف گهڻو پـڙهـڻ سـبب کيس قرآن مجيد جو وڏو حصو ياد ٿي ويو. مسجد جو پيش امام بہ ٿي رهيو ۽ چـار حـج ڪـيائيـن. پـنـهن جـو ذاتـي دڪـان هـلائي گـذر سـفر ڪندو هو. سھروردي طريقي ۾ شيخ بهاؤالدين رحمت الله عليه جو پوئلڳ ٿيو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ لڏي اچي رستم شھر ۾ ويٺو ۽ باقي حياتي اتي ئي گذاريائين. بھترين شاعر هو. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيائين. سندس شاعري جو ڪـتــاب ’انتخــاب احـمـد‘ جـي نـالـي سـان ڇـپيـل آهـي. هـن 5 ربـيـع الاول 1399ھہ/ 3 فـيـبـروري 1979ع تي وفـات ڪـئـي. سـندس تربت رستم جي ڪالا شاھہ پير قبرستان ۾ آهي.


لفظ حاجي احمد بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.02.01  عيسوي

حاجي احمد بخش پهرين فيبروري 1908ع تي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1979.02.03  عيسوي

حاجي احمد بخش 5 ربـيـع الاول 1399هه/ 3 فـيـبـروري 1979ع تي وفـات ڪـئـي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وسيم سومرو
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
علي صفدر
دلپت صوفي
عاجز اڄڻ
امداد سروري
خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو
سڄڻ قبولائي
اقبال بلوچ
اختر درگاهي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون