حاجن ’سائل‘ ميمڻ

حاجن ’سائل‘ ميمڻ: حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شھر ۾ ڄائو. سندس خاندان پسارڪو ڌنڌو ڪندو آهي، تنهنڪري ’پساري ميمڻ‘ سڏجن ٿا. پنھنجي والد ۽ چاچي کي مولود پڙهندي ڏسي کيس مذهبي شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هيءُ نظم توڙي نثر ۾ لکي ٿو. هن جي شاعري رومانوي غزلن ۽ مذهبي موضوع تي آهي. هي پنهنجا ڪتاب ڇپرائي بنا معاوضي جي ورهائي ڇڏيندو آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾:
(1) نجات جھنم حاصلاتِ بھشت (1969ع)، (2) چاليھہ سوکڙيون (1972ع)، (3) حـقيـقـي زندگـي (1995ع)، (4) روزو ۽ بندگي (1996ع)، (5) ســوکــڙيءَ تــي ســوکـڙي (1997ع)، (6) عـملـي زنـدگـي (1998ع) ۽ (7) درودن جو گلدستو (2000ع) شامل آهن. هن وقت مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.04.08  عيسوي

حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي انور شاھہ اجمل
عبدالغفور مفتون همايوني
غلام محمد خانزئي
علي محمد خان لغاري نواب
اصغر سائين
انور پرديسي
صفدر حسين ميرزا
گلاب چانڊيو
سائل خواجو
ٻڍل فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون