حاجن شاھہ هموطن سيتائي

حاجن شاھہ ’هموطن‘ سيتائي: سيد حاجن شاھہ ’هموطن‘ ولد سيد فتح محمد شاھہ، 5 مارچ 1913ع تي سيتا ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. وقت جو سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سيد حاجن شاھہ ابتدائي تعليم سيتا ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ عربي ۽ فارسي بہ پڙهيو. پر والد جي وفات بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ پنھنجي ڀاءُ سيد عالم شاھہ جي سايي هيٺ رهيو، جيڪو راڳ رنگ جو ڪو ڏيو هو ۽ خود بہ سٺو راڳي هو. ’هموطن‘کي پنھنجي ڀاءُ وٽان راڳ جو علم حصي ۾ آيو، جنهن ۾ اڳتي هلي پنهن جو پاڻ موکيائين. ’هموطن‘ سيتائي پنھنجي ڀاءُ عالم شاھہ جي اوچتي جدائيءَ سبب بي حال ٿي پيو، عشق جي چوٽ لڳڻ سبب شاعري ڪيائين. شروع ۾ کيس جمع خان ’غريب‘، محمود ’خادم‘ ۽ محمد رمضان ’ثاقب‘ جي صحبت نصيب ٿي ۽ 1939ع کان محمد صديق ’مسافر‘ سخن جي سلسلي ۾ سندس رهنمائي ڪئي، جنهنڪري ’هموطن‘ هڪ سٺو شاعر ٿي اڀريو. هن مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي. سندس شاعري اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهي. شعر و شاعريءَ کان سواءِ راڳ رنگ جو بہ وڏو شائق هو. هن ڪجهہ ڊراما بہ لکي اسٽيج ڪرايا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ پئسو غريب شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪيائين. نهايت فياض طبيعت ماڻهو هو. 14 مئي 1970ع تي وفات ڪيائين. سندس غزل جو هڪ نمونو پيش ڪجي ٿو:
نہ ڇيڙيو قصئه غم ۽ نہ ڪريو ڪو بيان دل جو،
نہ آ درد آشنا ڪوئي نہ آ ڪو مهربان دل جو،
خوشيءَ جو مھر تابان ڪو نہ اڀريو آهي اڄ تائين،
گهڻي عرصي کان اونداهو رهي ٿو آسمان دل جو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.03.05  عيسوي

سيد حاجن شاهه ’هموطن‘ ولد سيد فتح محمد شاهه، 5 مارچ 1913ع تي سيتا ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1970.05.14  عيسوي

شاعر ۽ اديب سيد حاجن شاهه ’هموطن‘ سيتائي 14 مئي 1970ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيتن ماڙيوالا
شعبان بخت
قدير شيخ
صابري عبدالغفار مولانا
آغا ظفر
رياض صديقي
چنا شبير ’ناز‘
وينا شرنگي
عابد مظهر ڊاڪٽر
غلام شبير پيراهين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون