حاجن شاھہ بخاري سيد 1

حاجن شاھہ بخاري، سيد: سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حاجن شاھہ ولد رحيم شاھہ بخاري 1835ع ڌاري ڊکڻ شھر لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾جنم ورتو. هن جا وڏا عربستان کان هجرت ڪري پنجاب جي ڳوٺ ”اچ شريف“ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان سندن خاندان جو هڪ فرد سيد گل شاھہ پهرين هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۽ بعد ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي حمزاڻي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪجهہ عرصي بعد لڏي اچي ڳوٺ لونگاڻي شريف کي پنهن جو مسڪن بڻايائين ۽ ان ئي ڳوٺ جو نالو پنھنجي پياري عقيدتمند لونگ فقير جوڻيجي جي نالي پٺيان ’لونگاڻي‘ رکيو هئائين.

حاجن شاھہ بخاريءَ جي طريقت جو سلسلو مخدوم خواجہ عبدالحئي نقشبندي بن پير شھاب الدين پير ڌڻيءَ سان ملي ٿو. هيءُ نقشبندي طريقي جي شيخ عبدالاحد فاروقي بلقب امام رباني مجدد الف ثاني سرهنديءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. هنن صوفين جي نوشهري فيروز واري خانقاھہ، سنڌ جي چئن وڏين خانقاهن مان هڪ آهي. هي صوفي بزرگ پنھنجي وقت جو باڪمال شاعر بہ ٿي گذريو آهي. هن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو. هن صوفي بزرگ 27 ربيع الاول 1326ھہ مطابق 30 اپريل 1908ع ۾ وفات ڪئي. لونگاڻي شريف ۾ سندس مزار تي عاليشان مقبرو جوڙيل آهي. هن بزرگ جو عرس هر سال ربيع الاول جي مهيني جي 25، 26 ۽ 27 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ پري پري جا گيڙوءَ رتا فقير ۽ ويراڳي شامل ٿيندا آهن. ان موقعي تي مشاعرو ۽ راڳ رنگ بہ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.04.30  عيسوي

هن صوفي بزرگ 27 ربيع الاول 1326هه مطابق 30 اپريل 1908ع ۾ وفات ڪئي.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تجل جا پير
سمن سرڪار
پيرفاضل شاھہ قريشي بڪيرائي
سلطان ابراهيم شاھہ
شاھہ رڪن عالم
شطاري
ابو تراب شيخ
صابر سومرو
سھروردي سلسلو
ريحان شيخ
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون