جهلم ندي (Jhelum River)

جهلم ندي (Jhelum River)

جھلم ندي (Jhelum River)

جھلم ندي (Jhelum River): جھلم ندي پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ندين مان هڪ ندي آهي، جيڪا پنجند واري هنڌ سنڌو درياھہ سان ملي ٿي. هيءَ ندي والاريل ڄمون ڪشمير جي ويرناگ واري هنڌ تان نڪري، پير پنچال جي جابلو سلسلي ڀرسان وهندي وولر ڍنڍ مان گذري ٿي. ڍنڍ کان اڳيان جھلم ندي ست هزار فٽ گهري کاهيءَ ۾ داخل ٿئي ٿي. آزاد ڪشمير جي ڄمونءَ وارن علائقن ۾ هيءُ ندي ڪشن گنگا درياھہ ۾ ملي ٿي ۽ پوءِ ڏکڻ پاسي مُڙي آزاد ڪشمير ۽ سرحد صوبي وچ ۾ لڪير ٺاهي ٿي. هيءَ ندي پاڪستاني علائقي ۾ ڏکڻ واري پاسي، منگلا ڀرسان ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿي. جھلم شھر کان درياھہ خوشاب طرف وڃي ٿي ۽ اتان ٻيهر ڏکڻ طرف مڙي تريمون ڀرسان چناب نديءَ ۾ شامل ٿئي ٿي. جھلم نديءَ جي جملي ڊيگهہ 725 ڪلوميٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو