
جهلم (Jhelum)
جھلم (Jhelum): پاڪستان جو هڪ شهر، جيڪو جھلم نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. جھلم نديءَ جي ٻئي پاسي پراڻو شھر چوٿين صدي ق. م ۾ سڪندراعظم جو قائم ڪيل بہ واقع آهي. ڪنهن دؤر ۾ هيءُ شھر لوڻ جي واپار جو مرڪز هو، پر هاڻي ڪاٺ جي مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي. شھر جي صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل مِلون، آرا، نيوز پرنٽ پلانٽ، شيشي ۽ سگريٽن جون فيڪٽريون شامل آهن. 1867ع ۾ هن شھر کي ميونسپلٽيءَ جو درجو مليو. شھر ۾ قائم ڪيترائي سرڪاري ڪاليج پنجاب يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل آهن.