جھانگير هاشمي: شاھہ جھانگير هاشمي، شاھہ طيب جي اولاد مان هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. مرزا شاھہ حسن ارغون جي حڪومت جي ابتدا ئي ڏينهن ۾ خراسان کان سنڌ ۾ اچي بکر ۾ رهيو. تصنيف ۽ تاليف سان بہ شغف رکندو هو. ’تحفة الاصرار‘ جي جواب ۾ ’مظهر الآثار‘ ڪتاب لکيائين. 946ھہ/ 1539ع ۾ حجاز جي سفر تي نڪتو ۽ ڪيچ مڪران جي سفر دؤران رستي تي وفات ڪيائين.