بخاري جڙيل شاهه

بخاري جڙيل شاهه

جڙيل شاھہ بخاري

جڙيل شاھہ بخاري: سيد جڙيل شاھہ بخاري ولد سيد پيرل شاھہ بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سھڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پنج درجا آهي، پنھنجي والد ۽ ڀاءُ سيد علي شاھہ بخاري (ٽئين) جي صحبت ۾ رهڻ ڪري سندس علمي مشاهدو بہ ڳوڙهو آهي. سيد جڙيل شاھہ کي پنھنجي والد بزرگ ۽ ڀاءُ جي اثر هيٺ شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو. هن ڪافي ڪلام چيو آهي. جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون وڌيڪ آهن. ان کان علاوہ هن پنھنجي والد بزرگ سيد پيرل شاھہ بخاري ۽ ڀاءُ سيد علي شاھہ بخاري (ٽئين) جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي. سيد جڙيل شاھہ رڪ ڳوٺ جي ڀرسان، سهڪجيءَ ۾ پنھنجي وڏڙن جي درگاھہ جو خدمتگار پڻ آهي.


لفظ جڙيل شاھہ بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.08.01  عيسوي

سيد جڙيل شاهه بخاري ولد سيد پيرل شاهه بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سهڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا شمشاد مغل
عمراڻي ميان هوت فقير
اَمانت گل
رحيم فقير ڪلهوڙو
چانڊيو غلام عباس
چانگ ساجن
مقبول احمد شيخ
استاد بخشو خان
خليفو احمد خان نظاماڻي
حاڪم علي زرداري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون