جِيو ٽي. وي

جِيو ٽي. وي

جِيو ٽي وي

جِيو ٽي. وي (GEO T.V): هي نشرياتي ادارو، ’جنگ‘ گروپ جي انتظام هيٺ 2002ع ۾ قائم ٿيو. جيو نيوز چئنل هن وقت پاڪستاني ميڊيا ۾ پنھنجي منفرد پاليسي رکي ٿو. جيو گروپ پنھنجي نشريات نيوز بليٽن ۽ مختلف پروگرامن سان شروع ڪئي. اڳتي هلي جيو کي نيوز ۽ انٽرٽينمينٽ جي حصن ۾ ورهائي الڳ فريڪوئنسيءَ سان نشر ڪيو پيو وڃي. جيو تي نت نئين انداز جا ٽاڪ شوز ۽ حالات حاضره جا پروگرام نشر ٿيندا آهن. سياسي شخصيتن تي دلچسپ انداز سان تنقيد بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ سماج جي مسئلن جي عڪاسي بہ ٿئي ٿي. جيو جي مشھور پروگرامن ۾ ’هم سب اميد سي هين‘، ’ايڪ دن جيو ڪي ساٿ‘، ’پچاس منٽ‘، ’ڪـيپيـٽـل ٽـاڪـ‘، ’جـرگـه‘، ’آج ڪامران خان ڪي ساٿ‘ وغيرہ اچي وڃن ٿا، جڏهن تہ جيو ٽي. ويءَ تي ڊراما ۽ ٻيا تفريحي پروگرام بہ نشر ڪيا ويندا آهن.
جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن عدالتي بحران پيدا ٿيو تہ عدليه جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ هن چئنل گهڻي ڪوَريج ڏني، جنهنڪري حڪمرانن چئنل کي ڪجهہ عرصو بند بہ ڪرايو، پر صحافين جي احتجاج ۽ ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ سان چئنل جي ٻيهر نشريات بحال ٿي. ڪجهہ وقت کان موجودہ حڪومت سان بہ سندن اختلاف هلندڙ آهن. پر مختلف ۽ منفرد صحافتي انداز ۽ دلچسپ موضوعن تي پروگرام نشر ڪرڻ ۾ ’جيو‘ جو معيار بهتر آهي.
جيو ۽ جنگ گروپ نوجوانن لاءِ ’آگ‘ نالي چئنل بہ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ميوزڪ ۽ روڊ شو سميت ٻيا بہ تفريحي پروگرام نشر ٿين ٿا، جڏهن تہ راندين جو هڪ الڳ چئنل ’جيو سُپر‘ بہ 2005ع کان هلي رهيو آهي. جيو سُپر تي ڪرڪيٽ، هاڪي، ريسلنگ ۽ ٻين راندين جي سنئين سِڌي (Live) نشريات هلائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو