جِهرڪِي1 (مڇي)
جِهرڪِي1 (مڇي): جهرڪي، کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪا ڊيگهہ ۾ هڪ انچ ٿيندي آهي. هن جو رنگ ميرو ٿيندو آهي. هن مڇيءَ کي پر بہ ٿين ٿا، جن سان هيءَ پاڻيءَ اندر اڏامندي آهي. تور ۾ پنج تولا کن ٿيندي. هيءَ ننڍڙي مڇي کائڻ لاءِ استعمال نہ ٿيندي آهي.