جُهريو (جبل): ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو هڪ جبل، جيڪو تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ’لوڻيي‘ کان 12 ڪوهن جي پنڌ تي ڏکڻ - اوڀر ۾ واقع آهي. هڪ روايت موجب جُهريي جبل ۾ مٿي اُتر پاسي پٿر جي جاين جا جيڪي ڦِٽل آثار ملن ٿا سي ’راءِ لاکي‘ جي محل جا کنڊر چيا وڃن ٿا. راءِ لاکو، راءِ ڏيسل جيءَ جو پٽ هو. جهاري يا جهريي جبل واري جنگ، راءِ لاکي ۽ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي وچ ۾ 1762ع ۾ لڳي هئي، جنهن ۾ ميان غلام شاھہ کي فتح حاصل ٿي هئي.