جـُنگشاهي: هي ٺٽي ضلعي جو اهم شھر آهي، جيڪو تاريخي ماڳ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کان تقريباً 18 ڪلوميٽر اتر اولھہ طرف آهي. هن شھر جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ 38 ميل آهي. هتي ريلوي اسٽيشن بہ آهي. هن شھر کان چار ڪلوميٽر اتر طرف تاريخي ۽ سياحتي ماڳ هاليجي ڍنڍ آهي. هاليجيءَ جي ڀرپاسي ۾ شيش محل ۽ جانورن جو باغ موجود آهي.
هتي جي ٻين ماڳن ۾ درسوريو، مليڏنو پير ۽ جنگشاهيءَ جون ٽڪريون بہ قابل ذڪر آهن. هتي انگريز دور ۾ هاليجي جي اتر پاسي هوائي اڏو ٺهرايو ويو هو، ڇو تہ ٻي مهاڀاري لڙائي هلي رهي هئي تہ انگريزن پنھنجي دفاع لاءِ اهو هوائي اڏو ٺهرايو هو. جنهن کي هاڻي گرائونڊ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن شھر جي آبادي 30 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. شھر جي رهاڪن ۾ جوکيا، پليجا، منڇري، جاکرا، ڪشميري پنجن ذاتين جا ماڻهو شامل آهن. شھر کي يونين ڪائونسل جي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت حاصل آهي. جنگشاهي جي مٺائين ۾ ’بالو شاهي‘ گهڻي مشھور آهي.
جنگشاهيءَ جي سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن ۾ رسول بخش پليجو، غلام قادر پليجو، حمزو خان پليجو، غلام مصطفيٰ جاکرو، محمد الياس جوکيو، علي محمد جوکيو قابل ذڪر آهن. هن شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري، مڊل ۽ هاير سيڪندري اسڪول بہ موجود آهن.