
جَهنڊ (تڏ جو قسم)
جَهنڊ: هيءُ تڏ جو هڪ قسم آهي، جيڪا ڪپڙي کي ڪتريندي آهي. هيءَ تڏ رنگ جي ڀوري ۽ بدن ۾ ماکيءَ جي مک جيتري ٿيندي آهي ۽ ٽپا ڏئي هلندي آهي. جهَنڊ اڪثر ڪري گهڻن ڏينهن کان بند پيل پيتين، الماڙين توڙي صفائيءَ جو بهتر انتظام نہ هئڻ سبب سامان وارن ڪمرن ۽ رڌڻن وغيرہ ۾ ٿيندي آهي. هيءَ ڪتابن ۽ ڪپڙن کي گهڻو نقصان ڏيندي آهي. هن تڏ جي نسلي واڌ ويجهہ تمام تڪڙي ٿئي ٿي.