جي ايم سيد فڪر جدوجهد ۽ ڪردار

جي ايم سيد فڪر جدوجهد ۽ ڪردار

جي ايم سيد فڪر جدوجھد ۽ ڪردار

جي. ايم. سيد، فڪر، جدوجھد ۽ ڪردار (ڪتاب): هي ڪتاب قومپرست اڳواڻ خالق جوڻيجي جو لکيل آهي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد جي سياسي زندگي ۽ ڪردار بابت لکيو ويو آهي ۽ ان کان سواءِ ليکڪ جي قومي تحريڪ سان ويجهڙائي ۽ جي. ايم. سيد سان ٿيل پهرين ملاقات جا تفصيل بہ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو مهاڳ حافظ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي، جڏهن تہ ليکڪ پاران ڪتاب جو انتساب سندس والده، والد ۽ ٻن ڀينرن جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 132 صفحا آهن، ڪچي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 80 رپيا ڄاڻايل آهي، هي ڪتاب جي. ايم. سيد لٽرري سوسائٽي ڪراچي طرفان 1 جنوري 2000ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو