جيوَر: سنڌ جو هڪ قديم شھر جيور، سنڌو درياھہ جي اوڀر طرف راوڙ شھر لڳ موجود هو، ٻئي شھر ڪوري نديءَ کي ويجها هئا. محمد بن قاسم جڏهن سنڌو درياھہ اُڪري راوڙ ۽ جيور جي حدن ۾ پهتو، تڏهن راجا ڏاهر چيو تہ: ”محمد پٽ قاسم جو ڀاڳ زور آهي، جو هو جيور تائين پهچي ويو آهي“. راجا ڏاهر راوڙ ۾ هو، هو محمد بن قاسم کي ڏسڻ لاءِ هڪ هاٿيءَ تي چڙهي هڪ ڇڇ جي هن پاسي اچي بيٺو. جتي هن ڏٺو تہ: ”محمد بن قاسم پنهنجو جنگي خاڪو تيار ڪري رهيو هو“. ان ريت ڏاهر بہ پنهنجو جنگي خاڪو تيار ڪيو ۽ ڇڇ تي حفاظتي دستو مقرر ڪيو، تہ جيئن دشمن ڪا ناجائزي نہ ڪري سگهي [چچنامي مان اختصار].