
جيلاني پيرن جي درگاهه
جيلاني پيرن جي درگاھہ: هي درگاھہ، نصرپور شھر جي اتر- اولھہ طرف ڪاشيگرن جي محلي ۾ آهي. درگاھہ تي ڪاشيگريءَ جو تمام سھڻو ۽ دلڪش ڪم ٿيل آهي. درگاھہ ٻن حصن (صحن)تي آهي، جن مان هڪ اتر طرف ۽ ٻيو حصو ان جي سامهون ڏکڻ کان آهي. اترئين حصي ۾ ست مزارون آهن، جيڪي جيلاني پيرن جي وڏن بزرگن جون آهن. هيءَ درگاھہ سيد نظر محمد شاھہ جيلانيءَ 1911ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. درگاھہ جي ڏاکڻين حصي ۽ اترئين پاسي ۾ مدفون بزرگن جي پونيئرن جون مزارون آهن. هن حصي ۾ مزارون ٻن قطارن ۾ آهن. پهرين قطار ۽ ٻيءَ قطار ۾ 7 مزارون آهن. ٻئي قطارون پڪ سرائين ٿلهي تي آهن.