جيلاني، ولايت شاھہ سيد: سيد ولايت شاھہ ولد سيد بگن شاھہ جيلاني، ڳوٺ انباھہ شريف، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ 1329ھہ مطابق 1911ع ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد سيد بگن شاھہ جو طالب ٿيو. ٻالڪپڻ کان وٺي فقيري حال مٿس موجود هو. پاڻ سنڌي ۽ سرائڪي شاعري ڪندو هو، سندس قلمي رسالو موجود آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، صوفي شاھہ عنايت شهيد، صوفي محمد فقير کٽياڻ، قلندر لعل شھباز ۽ ٻين صوفين جي درگاهن تي وڃي راڳ ڳائيندو هو. ماڻهو سندس ڪلام ٻڌي محو ٿي ويندا هئا. ڪيترائي سندس طالب ٿيا. هيءُ 16 مارچ 1982ع تي وفات ڪري ويو.