جيلاني

جيلاني: جيلاني ۽ گيلاني، حسني ۽ حسيني سيد آهن. هي سيد حضرت پيران پير شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان آهن ۽ پير سڏجن ٿا. شيخ عبدالقادر جيلانيءَ اسلامي تعليم جيلان (گيلان) مان ورتي، جنهن جي نسبت سان هنن جو اولاد جيلاني ۽ گيلاني سڏجي ٿو. هن جي اولاد مان ڪجهہ سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا، جن مان راڻيپور وارا جيلاني پير، خيرپور، ڪاماري، گهوٽڪي، قاضي احمد، گاجيلي شريف، نيئنگ، ميرپورخاص، پٻڻ ۽ ٿاڻي بولاخان وغيرہ وارا جيلاني پير ڳڻي سگهجن ٿا. مشھور سياستدان غلام رسول شاھہ، سيد آفتاب شاھہ جيلاني، وزيراعليٰ سنڌ، سيد قائم علي شاھہ، صالح شاھہ ۽ غلام شاھہ نيئنگ وارا جيلاني سيدن مان آهن. ڪي وري پنجاب ۾ وڃي ويٺا، جيڪي گيلاني سڏيا ويا. پاڪستان جو موجودہ وزيراعظم، سيد يوسف رضا گيلاني بہ انهن مان آهي.


لفظ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو