جيجل جي دعا

جيجل جي دعا

جيجل جي دعا

جيجل جي دعا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان شاعر وفا حسين علي شر بلوچ جي ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لولي، نظم، گيت وغيرہ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ محقق نواز رڪڻائيءَ لکيو آهي، جڏهن تہ اختر ٽانوري، مير نادر ابڙي، فقير عبدالڪريم شر، ڪوثر ٻرڙي ۽ ٻين جا رايا شامل آهن. جڏهن تہ ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ليکڪ بابت غلام عباس شر بلوچ جو رايو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت رسول پور، ڪنب، مارچ 2005ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو