جيبوتي/ جبوتي

جيبوتي/ جبوتي

جيبوتي جبوتي

جيبوتي/ جبوتي (Djibouti): هن ملڪ جو نالو جمهوريه جِبوتي (Republic of Djibouti) آهي. هيءُ اتر اوڀر آفريقا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ اريٽريا، ڏکڻ ۽ اولھہ ۾ ايٿوپيا، ڏکڻ اوڀر ۾ صوماليا، اوڀر ۾ عدن نار جا ملڪ آهن. جِبوتيءَ جي ڪل پکيڙ 23200 چورس ڪلوميٽر (8958 چورس ميل) ۽ آبادي 4 لک 54 هزار آهي. هن ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ موسيٰ علي (بلندي: 2063 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ جِبوتي شھر آهي ۽ سرڪاري ٻولي عربي آهي. جڏهن تہ هتي فرانسيسي، آفار، ايساس ۽ صومال ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتان جي موسم گرم ۽ گهميل آهي. مئي کان آڪٽوبر برسات جا مهينا آهن، پر هتي برساتون گهٽ پونديون آهن. جِبوتيءَ جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ کجي، ڀاڄيون آهن ۽ مکيہ صنعتن ۾ بوتلون ٺاهڻ، چمڙو، هٿ جون شيون، بندر گاھہ جي آمدني، ميڻ ۽ کلون آهن. جِبوتي هڪڙي ننڍڙي جمهوريه آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ)، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو، 27 جون 1977ع آهي ۽ هن ملڪ جي گڏيل قومن جي اداري (UNO) ۾ ميمبرشپ 20 سيپٽمبر 1977ع کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو