جوڻيجو جان محمد: ’رئيس المهاجرين‘ جي لقب سان مشھور جان محمد جوڻيجو ولد حاجي ڪريم بخش خان جوڻيجو، لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ”ڌامراھہ“ ۾ 1304ھہ/1887ع ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ڌامراھہ مان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ڪجهہ وقت لاڙڪاڻي ۾ پڙهي، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان ڪيائين. پنھنجي والد جي اسرار تي لنڊن ويو، جتي بئريسٽري پاس ڪيائين. لنڊن کان واپس اچي پهرين ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، پر جلد ئي والد جي وفات سبب لاڙڪاڻي موٽي آيو. جان محمد جوڻيجي خلاف تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، خلافت ڪانفرنس (ڏسو: تحريڪ خلافت، جلد ٻيو) جو پهريون اجلاس 1919ع ڌاري دهليءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، عبدالله هارون، تراب علي شاھہ ۽ شيخ عبدالعزيز سميت ٻين بہ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس ۾ طئہ ٿيو تہ 17 آڪٽوبر تي ترڪيءَ جي خلافت جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون وڃن. ان ڏينهن تي بئريسٽر جان محمد جوڻيجي لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي بنگلي جي اڳيان هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ڪرايو، ان جلسي ۾ پوري ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان جلسي ۾ هن عوام کي انگريزن جي ناپاڪ منصوبن کان آگاھہ ڪيو. ان کان پوءِ هن لاڙڪاڻي شھر ۾ پنج ڏينهن لڳاتار هڙتال ڪرائي. مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب ’ياد جانان‘ ۾ لکي ٿو تہ اها هڙتال ۽ ان ڏينهن واري ڪارن جهنڊن سان شھر ۾ نڪتل جلوس، انگريز سرڪار کي ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو. 1919ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ (ڏسو: ڀرڳڙي، رئيس غلام محمد) طرفان قائم ڪيل مسلم ليگ برانچ جو ميمبر ٿيو.جان محمد جوڻيجي خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ۽ ماڻهن ۾ ايمان جي جذبي کي بيدار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪيو. جيڪب آباد ۾ جيڪا خلافت تحريڪ ڪانفرنس 1920ع ۾ ٿي، ان ڪانفرنس ۾ جان محمد جوڻيجي پنھنجي تقرير ۾ چيو هو تہ: ”مان اڄ کان وٺي انگريزن سان پنهنجا هر قسم جا تعلقات ختم ٿو ڪريان، مان اڄ کان پنھنجي سرداري؛ پنھنجي ڪرسيءَ جو اعزاز؛ پنھنجي ميونسپل ڪمشنري؛ لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ بئريسٽريءَ جي ڊگري انگريز کي واپس ٿو ڏيان. نہ رڳو اهو پر اڄ آئون پنھنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبيانو بہ انگريز سرڪار کي ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان.“بئريسٽر صاحب جي ان جوشيلي تقرير ماڻهن تي انگريزن جي خلاف وڏو اثر ڪيو ۽ کين قربانيءَ لاءِ تيار ڪيو. جلسي ۾ ويٺل هزارين ماڻهن انگريزن سان تعلقات ختم ڪرڻ جي تائيد ڪئي ۽ پنھنجي هر شيءِ قربان ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان پوءِ انگريز سرڪار هن مرد مجاهد کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. سندس زمين جو پاڻي بند ڪيو ويو، جنهنڪري سموري زمين غير آباد ٿيڻ لڳي، انگريز سمجهن پيا تہ ائين ڪرڻ سان هيءُ خلافت تحريڪ کي ڇڏي، سندن آڏو جهڪندو، پر هيءُ نہ جهڪيو. بهرحال ان وقت جي عالمن اها فتويٰ جاري ڪئي تہ مسلمان هن ملڪ مان هجرت ڪري پنھنجي دين جي سلامتيءَ لاءِ جان محمد جوڻيجي برصغير جي مسلمانن کي هجرت لاءِ تيار ڪيو ۽ پنھنجي خرچ تي ريل گاڏيءَ جو انتظام ڪيو، ان وقت 3 جولاءِ 1920ع واري ’الوحيد‘اخبار لکيو تہ: ”رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجي اعلان ڪيو آهي تہ 9 جولاءِ 1920ع تي اسپيشل ٽرين نڪرندي، جنهن ۾ مسلمان هجرت لاءِ اچي وڃن. سندس ان اعلان تي، سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر شھر مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو هجرت لاءِ اچي لاڙڪاڻي پهتا، پوري برصغير مان مهاجرن جو اهو پهريون قافلو سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي مان بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ هيٺ پشاور کان ٿيندو وڃي افغانستان پهتو. هن اتي مهاجرن کي منظم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. ان دوران سندس طبيعت خراب ٿي پئي، اجمير جي دوري ۾ رئيس جي بيماري وڌندي وئي، 16 اپريل 1921ع تي اجمير ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.