جوڌاڻو/ جوڌيو (لوڪ گيت ):’جوڌاڻو‘ يا ’جوڌيو‘ ٿرپارڪر جو مشھور لوڪ گيت آهي. مضمون جي لحاظ کان هيءُ مجاز ۽ محبت تي آڌاريل آهي. هن گيت لاءِ روايت آهي تہ هڪ عورت جو جمال شاھہ نالي همراھہ سان نينھن لڳو. اها عورت ان شخص جي سڪ کي سانڍي، سندس اچڻ جي اڪير ۾ واٽ نهاريندي ٿي رهي ۽ هر ايندڙ کي ڏسي، ان کي جمال شاھہ سمجهندي سرتين کي چوندي هئي تہ سندس محبوب ’جمال شاھہ‘ ايندو هوندو، ۽ هوءَ ساڻس گڏجي ڏٿ چونڊڻ ويندي. هي گيت عورتاڻي زبان ۾ چيل آهن، پر اڪثر مرد ڳائين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ رائچند هريجن کان روايت بيان ڪندي لکي ٿو تہ ’جوڌي‘ لفظ لاءِ امڪان آهي تہ هيءُ ڪنهن خاندان جو لفظ هجي، جنهن کي جوڌاڻا سيد ڪري سڏيندا هجن ۽ عورت جنهن جمال شاھہ جي فراق ۾ هيءُ لوڪ گيت چيو، ان جو نالو بہ ’جميل شاھہ جوڌاڻو‘ هجي، ڇو تہ هيءُ گيت ڪن هنڌن تي ’جميل شاھہ جوڌاڻو‘ جي نالي سان پڻ رائج آهي. هن گيت ۾ عمرڪوٽ جو گهڻو ذڪر ٿئي ٿو، ان مان اندازو ٿئي ٿو تہ هي ٻئي عاشق محبوب ان علائقي جا هئا. هن لوڪ گيت جا ٻہ شعر نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
رات تـان ســـاري، هـــون هـيـڪــلــڙي هَـتــي
(راتوڪي سڄي رات اڪيلي هيس)
بِلکي بِلکي هون اونچي تان اُٺي ڙي ڏهوئيو
(سڏڪي سڏڪي ماڙيءَ تان لٿي آهيان)
جـمـال شــاهـه جـوڌاڻـو ڏهـوئــو جـوئـان ڙي....
(جمال شاھہ جوڌاڻي جي واٽ نهاريان پئي).
جـوڌيـا مــارُوڙي! مـيــن امــراڻـي ري مـارگي
اي جوڌيا! مين مرُوئو روپيو ڙي.