جويو سيف ﷲ ڊاڪٽر

جويو، سيف الله، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر سيف ﷲ جويو 15 اپريل 1967ع تي پڊعيدن شھر ضلعي نوشهروفيروز ۾ دين محمد جويي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پڊعيدن مان، ميٽرڪ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، بي. اي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ايم. اي. سي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ جناح يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيائين. تنهن کانپوءِ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ ’روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ازبڪستان‘ جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1993ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهري فيروز ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هيستائين ڪيترائي تحقيقي مقالا لکي چڪو آهي.
سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) افغان مهاجرن جو مسئلو (زير طباعت)
(2) ازبڪستان روس جي ٽٽڻ کان پوءِ (پي. ايڇ. ڊي مقالي جو اختصار).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.04.15  عيسوي

ڊاڪٽر سيف الله جويو 15 اپريل 1967ع تي پڊعيدن شهر ضلعي نوشهروفيروز ۾ دين محمد جويي جي گھر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شھناز شيخ
جمالي مصري خان
عطاء ﷲ خان مينگل سردار
طالب ﷲ مخدوم
ڀٽي زيب
پيريڪلس
عبداللطيف عرشي
آءِ ايڇ ٽانٽن
امداد علي سرائي
پير پٿورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون