
جوشاندو
جوشاندو: طبي اصطلاح ۾ اها دوا، جنهن کي جوش ڏئي (ڪاڙهي) مريض کي پياريو وڃي. هيءَ ’جوش ڏنل‘ دوا هوندي آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪاڙهو‘ بہ چوندا آهن. طب يوناني ۾ کنگهہ، زڪام، بخار وغيرہ لاءِ جوشاندي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جوشاندي ۾: گل، بنفشو، ڪشميري،ڪناب، خطمي، مٺي ڪاٺي، ليسوڙا، منقا وغيرہ شامل ڪيل هوندا آهن. اڄڪلھہ مختلف يوناني ڪمپنين- همدرد، قرشي ۽ مرحبا وارن جا ٺاهيل جوشاندا، پڙين جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ ملن ٿا