
جوزف اسٽالن
جوزف اسٽالن: مشھور روسي اڳواڻ جوزف اسٽالن جارجيا جي هڪ ننڍي علائقي ’گوريءَ‘ ۾ 1879ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ موچڪو ڪم ڪندو هو، جڏهن تہ ماءُ هارياڻي هئس. جوزف اسٽالن جڏهن 11 سالن جو ٿيو تہ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. جوزف اسٽالن هوشيار شاگرد جي حيثيت ۾ سدائين اسڪالرشپ کٽندو هو. هن گهڻي تعليم گرجاگهر مان حاصل ڪئي. جتي پادرين کي سکيا ڏني ويندي هئي. تعليم دوران ئي سندس لاڙو مارڪسزم ڏانهن ٿي ويو ۽ هي لينن جو پوئلڳ بڻيو ۽ لينن طرفان ٿيندڙ ڳجهين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. زار جي پوليس هن کي انهن سرگرمين سبب 1902ع کان 1913ع تائين 8 ڀيرا گرفتار ڪري، کيس سائيبريا جي برفاني علائقن ۾ قيد ڪري رکيو، جتان هو 7 ڀيرا قيد مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهيءَ قيد دوران ئي هن پنهنجو نالو اسٽالن رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ’فولادي ماڻهو‘. هي اعليٰ درجي جو منتظم هو. توڙي جو 1917ع واري انقلاب ۾ سندس ڪردار ننڍو نظر اچي ٿو، پر هن ’بالشيوڪ پارٽي‘ کي منظم ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، تنهن هوندي بہ پارٽيءَ اندر کيس اها اهميت نہ ملي، جنهن جو حقدار هو.
1922ع ۾ مُک ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل ٿي ويو. هن جماعت ۾ شموليت سان سندس اثر ۽ رسوخ تمام گهڻو وڌيو. ان اثر رسوخ کيس اقتدار جي جنگ ۾ (جيڪا لينن جي وفات کان پوءِ شروع ٿي چڪي هئي) ڪاميابي ڏياري. لينن واضح طور چيو تہ ”اسٽالن هڪ انتهائي ظالم انسان آهي ۽ ان کي فوري طور سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان هٽايو وڃي.“ هن ليون ٽراٽسڪيءَ کي پنهنجو جانشين بنائڻ ٿي چاهيو، پر لينن جي وفات کان پوءِ اسٽالن اهو وصيت نامو دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهڙيءَ طرح اسٽالن پنھنجي سياسي حريف ٽراٽسڪيءَ واري جماعت کي شڪست ڏيئي پنھنجي اهم سياسي منصوبن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اسٽالن پنھنجي مخالف قوتن کي تمام بيدرديءَ سان ختم ڪيو، جنهن ۾ هن ڪميونسٽ پسند قوتن جو وڏو نقصان ڪيو. اسٽالن جي ڏوهن ۾ خفيہ پوليس جو ناجائز استعمال، جابرانه گرفتاريون، قتل ۽ غارت کان سواءِ پنھنجي حڪومت لاءِ معموليءَ کان معمولي ماڻهن کي جيلن ۾ تمام وڏيون سزائون ڏيڻ، عوام کي ڌمڪائڻ ۽ اطاعت تي مجبور ڪرڻ شامل آهن. اسٽالن جو اصل مقصد ملڪ ۾ مطلق العنان (ڊڪٽيٽرانه) حڪومت قائم ڪرڻ هو. هن جون معاشي پاليسيون پڻ مزدور طبقي کي ناپسند هيون ۽ انهن جي مخالفت بہ خوب ٿي. ٻي جنگ عظيم جي تمام گهڻي نقصان جي باوجود بہ روس دنيا جي ٻيو نمبر صنعتي طاقت جي حيثيت سان اڀريو (جيتوڻيڪ اسٽالن زراعت ۽ صنعت جي شعبن کي تمام گهڻو نقصان رسايو). اسٽالن جي خانگي زندگي بہ ايتري ڪامياب نہ گذري. 1904ع ۾ هن جي شادي ٿي، پر صرف ٽن سالن کان پوءِ سندس گهر واري وفات ڪري وئي. هن جو پٽ جئڪب ٻي جنگ عظيم ۾ جرمن فوج جي هٿان گرفتار ٿيو ۽ اسيريءَ ۾ ئي مري ويو. 1919ع ۾ اسٽالن ٻي شادي ڪئي. هن جي ٻي گهر واريءَ 1932ع ۾ خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي تہ هن کي اسٽالن قتل ڪري ڇڏيو. ٻيءَ شاديءَ مان هن کي هڪ پٽ هو، جيڪو هوائي فوج ۾ آفيسر هو. اسٽالن جي ڌيءَ سوتيلا سوويت يونين مان فرار ٿي آمريڪا وڃي رهي. اسٽالن جي وڏي ۾ وڏي شخصيت جي وڏي ۾ وڏي اوڻائي اها هئي تہ هو تمام وڏو ظالم هو. هن جي دل ۾ رحم نالي ڪا شيءِ نہ هئي. انتهائي شڪي انسان هو پر هو وڏو قابل، پرجوش، مستقل مزاج ۽ مڪار انسان هئڻ سان گڏ غير معمولي ذهانت جو بہ مالڪ هو. پنھنجي حياتيءَ دوران اسٽالن روس جي سرحدن کي تمام گهڻو پکيڙيو ۽ متحدہ روس کي عظيم طاقت طور اڀاريو.
جوزف اسٽالن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران روس جو اهم ۽ وڏو اڳواڻ هو. هي اهو وقت جڏهن هٽلر روس ۾ ’آپريشن بار بروسا‘ شروع ڪيو. اهو 1941ع جو زمانو هو. پر هٽلر ڪامياب نہ ٿيو. 43/1942ع ۾ هٽلر کي ماسڪو، لينن گراڊ ۽ اسٽالن گراڊ ۾ سخت شڪست ملي. اها اسٽالن جي همت هئي، جنهنڪري جرمنيءَ ۾ روسي فوج کي 1945ع ۾ وڏي ڪاميابي ملي. سندس موت لاءِ بہ گهڻا فسانا ٿيا. پاڻ 1953ع ڌاري گذاري ويو .
1879.00.00 عيسوي
مشهور روسي اڳواڻ جوزف اسٽالن جارجيا جي هڪ ننڍي علائقي ’ گوريءَ ‘ ۾ 1879ع ڌاري جنم ورتو . سندس پيءُ موچڪو ڪم ڪندو هو ، جڏهن ته ماءُ هارياڻي
1953.00.00 عيسوي
جوزف اسٽالن 1953ع ڌاري گذاري ويو .