جوئاري (ڪتاب)

جوئاري (ڪتاب)

جوئاري ڪتاب

جوئاري (ڪتاب): هي ناول رُوس جي عظيم ليکڪ دوستو وسڪيءَ جي ناول ‘The Gambler’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي زبان جي مشھور ليکڪ قاضي خادم، ’جوئاري‘ جي نالي سان ڪيو آهي. جوئاري هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو جُوئا کان توبھہ ڪري چڪو آهي؛ پر پنھنجي محبوبہ جي خاطر پنهنجو قسم ٽوڙي ٿو ۽ جوئا جي ميز تي پهچيو وڃي. هن کي پڪ آهي تہ هي پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ کيڏندو تہ ضرور کٽندو، ۽ هو واقعي ٻين لاءِ کٽي بہ ٿو. ليڪن جڏهن دل جو معاملو اچي ٿو تہ هارائي ٿو ويهي. هن ناول جو انتساب قاضي خادم سنڌ جي عظيم انقلابي شاعر شيخ اياز ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن جي سماجي شخصيت هميشہ آئيڊيل رهي آهي. ڊيمي سائيز جي 227 صفحن تي مشتمل هن ناول جو پهريون ڇاپو، 1976ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت ان وقت ڇھہ روپيا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو