جهڏير شاخ

جهڏير شاخ: جهڏير شاخ پٽ فيڊر جي کاٻي پاسي آر. ڊي- 418 کان نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهہ اٽڪل 22 ميل آهي. ان جو آخري حصو اڳوڻي ڦٽل شھر نصيرآباد جي ڀرسان آهي، جيڪو هاڻوڪي شھر جهٽ پٽ کان ٽي ميل اتر طرف آهي. هن شاخ تي جهڏير نالو انهيءَ ڪري پيو آهي، جو ڪوئيٽا، جيڪب آباد روڊ جي ڀرسان، منگولي ريلوي اسٽيشن جي سامهون ڏکڻ طرف، قديم زماني جو ڦٽل ’جهڏير جو دڙو‘ موجود آهي. جهڏير شاخ مان هڪ ٻي شاخ ’ٽيمپل ديرو شاخ‘ جي نالي سان نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهہ 20 ميل کن ٿيندي.


لفظ جهڏير شاخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو