
جھِينگو/ گانگٽ
جهِينگو/ گانگٽ: جهينگو مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. جهينگو/گانگٽ عربي سمنڊ توڙي سنڌو درياھہ ۾ عام جام ٿيندو آهي، جهينگو عام ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. لاڙي لهجي ۾ ننڍي گانگٽ کي ’هَڪم‘ چئبو آهي، جيڪو ’حبشي گانگٽ‘ بہ ڪوٺبو آهي. گانگٽ يا جهينگو ٻن نمونن جو ٿيندو آهي. هڪ اڇو ميرانجهڙو ۽ ٻيو سائو ڪارسرو. گانگٽ جي مغز جو رنگ سُرخ بہ ٿئي تہ ڪٿي هيڊو ۽ چٽڪمرو بہ. سڄي جهينگي/ گانگٽ کي مختلف رنگ بہ ٿين ٿا. گانگٽ جو گوشت اڇو شيشي جهڙو ۽ پچائڻ کان پوءِ سفيد کير جهڙو ٿي پوندو آهي. هن ئي نسل جو هڪ گانگٽ سمنڊ ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ڳچيءَ وٽ ٿورو سنهو ۽ نرم ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڪيڪٽ“ بہ چوندا آهن. ڪارو سائو گانگٽ سمنڊ ۾ گهڻو ملي ٿو. جهينگو انتهائي سوادي ۽ گرم مڇي آهي، جيڪو ٿڌن ملڪن ڏانهن دٻن ۾ پيڪ ٿي وڪري لاءِ ويندو آهي. گانگٽ ٻن کان وٺي ستن اٺن انچن تائين ڊگهو ٿيندو آهي. هي ٿولھہ وڌ ۾ وڌ هڪ ڏيڍ انچ جيترو ٿيندو آهي. جهينگو ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تان بہ گهڻي تعداد ۾ ماريو ويندو آهي ۽ پرڏيھہ درآمد ڪبو آهي. ڄامشوري واري پل ٺھڻ کان پوءِ جهنيگو مٿي ڪو نہ ٿو چڙهي نہ تہ اڳ سکر تائين پهچندو هو. جهينگو سنڌي ماڻهن جي مرغوب غذا آهي.