جهوڪ 1

جهوڪ 1: اُٺن جي ويهڻ واري جاءِ کي جهوڪ چيو ويندو آهي. ٻين جانورن جي نسبت ۾ اُٺ جي الڳ عادت هوندي آهي، اُٺ جتي ڪجهہ ڏينهن ويهندو آهي تہ کيس ڪٿي بہ ڇڏي اچبو تہ گهُمي ڦِري واپس ساڳيءَ جاءِ تي اچي ويهندو آهي. اٺ ويهڻ مھل جهڪي ويهندو آهي، انڪري اٺن جي ويهڻ واري جاءِ کي ”جهوڪ“ سڏجي ٿو.
جهوڪ لفظ، شاھہ لطيف بہ ڳايو آهي:
جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي (ڏهر)
نھي ٻنڌي ۽ روءِ اڱڻ جهڪيو ڪرها (ليلان)
خواجہ غلام فريد جي بہ هڪ ڪافي عابدہ پروين ڳائي آهي، جنهن ۾ جهوڪ جو ذڪر آهي:
’جهوڪ لڏائي وئين يار ديوانا!


هن صفحي کي شيئر ڪريو