جهوناڳڙهه قلعو

جهوناڳڙهه قلعو

جهوناڳڙھہ قلعو (بيڪانير راجسٿان)

جهوناڳڙھہ قلعو (بيڪانير، راجسٿان): هيءُ قلعو 28° 02′ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 73° 32′ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي بيڪانير ۾ موجود آهي. هيءُ قلعو راجسٿان جي ٿر واري علائقي ۾ اراولي جابلو سلسلي سان، بيڪانير شھر ۾، جيسلمير ۽ جوڌپور شهرن سان ٽڪنڊو ٺاهي ٿو. هتي پٿر جو هڪ ننڍو قلعو موجود هو، جيڪو 1478ع ۾ راؤ بيکا ٺهرايو هو. راؤ بيکا، اصل ۾ بيڪانير شھر جو بنياد وجهندڙ مهاراجا رائو جوڌا راٺوڙ جو ٻيو نمبر پٽ هو. هن راجسٿان جي انهيءَ علائقي تي قبضو ڪري اتي پنھنجي الڳ راج شاهي قائم ڪئي. اٽڪل سو سالن کان پوءِ راجا راءِ سنگهہ، (جيڪو مغل بادشاھہ اڪبر جي فوج جو جنرل هو) هتي 1571ع ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪيو. هن کي اڪبر بادشاھہ جي درٻار ۾ وڏي پھچ هئي ۽ وڏو لشڪر هر وقت مغلن جي حڪم تي پيرويءَ لاءِ تيار رکندو هو. هن مغلن جي فوج سان گڏ ميواڙ کي فتح ڪيو، جنهنڪري کيس گجرات ۽ برهانپور جون جاگيرون عطا ڪيون ويون. جاگيرن جي آمدني مان هن مٿانهين سڌي ميدان تي جهوناڳڙھہ جو قلعو ٺهرايو، جنهن جو سراسري اٺاءُ (Elevation) 760 فوٽ هو. هن قلعي جي بنياد رکڻ جي رسم 17 فيبروري 1589ع تي ادا ڪئي وئي، جڏهن تہ قلعو 17 جنوري 1594ع تي جڙي راس ٿيو. راجا راءِ سنگهجي خود آرٽ ۽ اڏاوتن جو ڄاڻو ۽ دلداده هو، جنهن ڪري قلعو اڏاوت توڙي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان ٿر جي وچ ۾ هڪ شاندار اڏاوت ثابت ٿي. ڪرن سنگهہ (1639-1631ع) هن قلعي ۾ پهريون محل جوڙايو. ان کانپوءِ جيڪو راجا آيو تنهن هن قلعي ۾ محل ماڙيون ۽ مندر وغيرہ ٺهرايا.
جهونا ڳڙھہ جي قلعي ۾ ڪيترا محل ۽ مندر پٿر ۽ ماربل سان ٺهيل آهن، جن تي بالڪونيون، ڪوسڪ، دريون، دروازا نهايت خوبصورت ڏنل آهن. هي قلعو رٿ ۾ چورس آهي، جنهن جي ڊيگهہ ۽ ويڪر 1078 وال (986 ميٽر) ڪل 63119 چورس والن (5.28 هيڪٽر) جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي. قلعي جون ڀتيون 14.5 فٽ ويڪريون ۽ 40 فٽ اوچيون آهن. قلعي جي چوڌاري 25-20 فٽ اونهي کاهي کوٽيل هئي، جنهن جي بنياد ۾ ويڪرائي 15 فوٽ ۽ مٿي چوٽي وٽ ويڪر 30 فٽ هئي، پر اها کاهي گهڻو وقت هلي نہ سگهي ۽ پورجي وئي. قلعي کي ڪل 37 برج ۽ ست دروازا ڏنل آهن (ڪن فقط ٻہ دروازا لکيا آهن). هي قلعو بيکا قلعي واري جاءِ تي اڏيو ويو آهي. قلعي ۾ اندر هندن ۽ جينين جي مندرن کانسواءِ ڪيترائي محل ٺهيل آهن. قلعو نج راجسٿاني اڏاوت جو نمونو آهي، جنهن ۾ ڦڪي ۽ ڳاڙهسري پٿر جو استعمال ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو