جهولي لال ڊرئميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد: هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي 1980ع ۾ ابو بلاول قائم ڪئي، جنهن جو مکيہ ليکڪ ۽ هدايتڪار نادر بلوچ هو. هن ناٽڪ منڊليءَ جي پيش ڪيل ناٽڪن مان ’بايونڪ ڀنڀوري‘ گهڻو مقبول ٿيو هو. هن ڊرامي ۾ حصو وٺندڙ اداڪار روما ناز، ابو بلاول، منظور مراد ۽ ناصر بلوچ هئا.