جهنگل شاھہ مست: جهنگل شاھہ مست هڪ بزرگ ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد عظيم شاھہ بخاري هو. جهنگل شاھہ 1904ع ڌاري ڳوٺ مولودي شريف تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. ستن سالن جي عمر ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو. مستاني طبيعت هئڻ ڪري ماڻهو کيس جهنگل شاھہ مست سڏيندا هئا. صوفين ۽ درويشن سان سندس صحبت هوندي هئي. صوفين جي مجلسن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندو هو. سندس شاعري صوفياڻي رنگ جي آهي. قلندر شھباز جو وڏو عقيدتمند هو. ان جي شان ۾ چيل سندس هيءُ شعر مشھور آهي:
اچي ٿي حال ۾ حاضر، قلندر لال لاهوتي،
سوا تنھنجي نہ ٻيو ڪو در، قلندر لال لاهوتي،
چوي ’جهنگل شاھہ‘ تو کي هر هر، ملي معافي مٺا منور،
آهيان عاجز تنهنجو سڳدر، قلندر لال لاهوتي.
جهنگل شاھہ جي شاعري قلمي صورت ۾ سندس خاندان وٽ موجود آهي. هن بزرگ 24 نومبر 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پنھنجي ڳوٺ مولودي شريف ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هر سال 21، 22، 23 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.
1967.11.24 عيسوي
هن بزرگ 24 نومبر 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ مولودي شريف ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هر سال 21، 22، 23 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.