جهنڪار ڊرائميٽڪ سوسائٽي- الهاس نگر

جهنڪار ڊرائميٽڪ سوسائٽي- الهاس نگر: 1965ع ۾ هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو پايو شيام آهوجا، هدايتڪار نند لعل هندوجا ۽ شيام آهوجا وڌو. هن سوسائٽيءَ ۾ پيش ڪيل سنڌي ناٽڪن مان: ’ڪنجوس مکي چوس‘، ’ڪنجوس سھرو‘، ’شرابي نٿو چريو‘ ۽ ’نرواسي ڪاڪا بيحد ڪامياب قابل ذڪر آهن، هن سوسائٽيءَ جا مشھور اداڪار چندر گيانچنداڻي، مهيندر ٽڪاڻي، رمڻ لعل راجپال، چندر ساوناڻي، شيام آهوجا، پي. بي چاند، رامچند رهيجا، گلاب هيرا، گوبند نهالاڻي، جئديو تنواڻي ۽ سيتل هيمراجاڻي ۽ ٻيا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو