جهمٽ مل ٽلواڻي

جهمٽ مل ٽلواڻي: سنڌ جو مشھور تعليمدان، مضمون نگار ۽ ليکڪ جهمٽ مل ٽلواڻي، 25 ڊسمبر 1922ع تي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس ڪافي رچنائون شايع ٿيون. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو، جتي ’جوت‘ (1972ع) رسالي جو چيف ايڊيٽر رهيو. تعليمي ميدان ۾ بہ وڏي جاکوڙ ڪيائين. ”راجسٿان سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ“ جو وائيس چيئرمين ۽ ”ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ“ جو ميمبر هئڻ سان گڏ ٻين ڪيترين تعليمي ادارن ۽ تنظيمن جو عهديدار رهيو. آدرش هائير سيڪنڊري اسڪول جو پرنسپال بہ رهيو. اجمير بہ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.25  عيسوي

سنڌ جو مشهور تعليمدان، مضمون نگار ۽ ليکڪ جهمٽ مل ٽلواڻي، 25 ڊسمبر 1922ع تي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فتح علي جتوئي
عطاءُ ﷲ جان سرهندي پير
بينا1
انور سولنگي
بھو بيگم عرف صاحب دولت
ڇاٻڙيا آرتي
برهمچاري پرڀوداس
داغ دهلوي
محمد پريل سومرو
سومر فقير هنڱورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون