جهلو دمب (Jhallo Damb): هيءُ ماڳ ''55'35°27 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ''30'18°66 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ڳوٺ بنجوالا، ديھہ حرم بائو، تعلقي خضدار، بلوچستان ۾ آهي. هيءُ دڙو اتر ڏکڻ 300 ميٽر، اوڀر اولھہ 170 ميٽر، ۽ اوچائيءَ ۾ 35 ميٽرن جي ماپ جو آهي. ماڳ جي اوڀر ۾ جبل ۽ الهندي پاسي زرعي زمينون آهن. دڙي تي گٺل ۽ اڻ گٺل پٿر، چوٽيءَ توڙي لاهيءَ وٽ موجود آهن. اڏاوتن جا نشان دڙي جي چوٽيءَ وٽ ڏسجن ٿا. دڙي تي ٻاهرين ڀت (courtyard) جا نشان بہ بيٺا آهن. دولت جي ڳولائن پاران کوٽيل کڏن سبب اوڀر کان اولھہ ڀتين جا نشان ظاهر ٿي پيا آهن. هڪ مستطيل اڏاوت، 1.70 ميٽر اتر- ڏکڻ ۽ 3 ميٽر اوڀر- اولھہ ماپ ڪئي وئي. ثقافتي وٿن ۾ لڌل ٿلهو، بي ڊولو ٺڪراٺو هلڪو ڳاڙهو آهي. ٺڪراٺي ۾ وڏين نادين جا ٽڪرا، پاڻيءَ جا وڏا ڪَرا (water pithos)، ٻن ڪُنن جا ڍڪڻا شامل آهن. اهي ڍڪڻا چڱا وڏا آهن. ان کان سواءِ رڳو هڪ ٺِڪر سنهو ڳاڙهي ڌاءَ سان مليو آهي. ٽُٻڪن سان کُرچيل نقش وارو ٺڪر بہ مليو آهي. ٺڪراٺي جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ ماڳ 3500 ق. م کان 3000 ق. م جي عرصي سان تعلق رکي ٿو ۽ اوائلي سنڌو تھذيب ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.